پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ 8100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 57 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 6 هزار 944 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 6 هزار 755 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 69 ڊالر واڌ سان 3395 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.