ٽن ڏينهن کان نٽهڻ ۾ ويٺل وڪيلن مزاحمتي هلچل ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو

 سکر/ خيرپور (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو/مختيار ڦلپوٽو) سنڌ درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيل برادري جو قومي شاهراهه تي ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو ، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ويندڙ ٽريفڪ معطل، وڪيلن جي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي، قومي ڪارڪنن خيرپور ريلوي ٽريڪ به بند ڪري ڇڏي، سکر ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن جي وڪيل برادري سميت سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، ٽريڊ، ليبر ۽ معزز شهرين جي ڀرپور شرڪت جو سلسلو جاري، وڪيل برادري پاران يڪجهتي جو اظهار،نوان ڪينال منصوبي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ، سنڌ درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال  ڪڍڻ خلاف سنڌ جي وڪيل برادري پاران جاري ڌرڻي سبب  ٽريفڪ معطل، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن جي وڪيل برادري سميت سول سوسائٽي، سياسي، سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا. جڏهن ته روڊ بند ٿيڻ کانپوءِ خيرپور ۾ قومي ڪارڪنن وڪيل برادري سان گڏ ريل گاڏيون به بند ڪري ڇڏيون ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ خيرپور ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي اپ ۽ ڊائون ريلوي ٽريڪ بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب ٽرين شيڊول به سخت متاثر ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد ريلوي ٽريڪ کوليو ويو. ان موقعي تي وڪيلن برادري ۽ قومي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته ڪالهه تائين جيڪڏهن ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پنجاب ويندڙ ٽرينون بند ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.هوڏاهن وڪيل برادري سان يڪجهتي جي اظھار لاء پي ايف يو جئي جي مرڪزي اڳواڻن۔خالد کوکر۔لالارحمان سمون۔اقبال ملاح۔سکر پيرس ڪلب جي صدر آصف ظھير خان لوڌي۔صدر ايس يو جي جو صدر سليم سهتو، شفيع محمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ صحافين جي وڏي تعداد ڌرڻي ۾ پهچي وڪيل برادري کي خاطري ڪرائي ته صحافي برادري به توهان سان گڏ آھي جڏهن ته پي ٽي آءِ  جو وڏو قافلو حليم عادل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻٻرلو باءِ پاس پهتو نامنظور نامنظور نوان ڪينال نا منظور۔سنڌو درياھ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا هنيا ۽ ڪينال منصوبي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته جي يوآءِ سکر ضلعي جو قافلو به ڌرڻي ۾ شامل ٿيو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه مان نوان واھ ڪڍڻ واري سازش خلاف سنڌي ماڻھن جي جاري احتجاجي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، وڪيل برادري سان ساٿ جاري رھندو ،اھڙو اظھار جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين دودو ديشي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن چيو ته سنڌو دريا سنڌي ماڻھن جو جياپو آھي.سنڌ امڙ جا سمورا حلالي پٽ پنھنجي جنم ڀومي ۽ ڌرتي ماتا کي بچائڻ خاطر عمل جي ميدان ۾ آيا آھن جسقپ ٽن ڏينهن کان ڌرڻي ۾ شامل آھي. پي ٽي آءِ سنڌ   جو وڏو قافلو صوبائي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ ڊاڪٽر مسرور سيال، ايم پي اي چوڌري اويس، ساجد حسين، پارٽي اڳواڻ امان قاضي، محسن گھمن، دانيال مگسي،مير افتخار لنڊ،ميان اسلم،مولا بخش سومرو، مشتاق جوڻيجو، عمران قريشي، امام الدين ڪيريو ۽ سردار رمضان لنڊ سميت ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار جي حاصلات لاءِ سنڌ جي حقن ۽ درياءَ سنڌ جي پاڻيءَ تي سودو ڪيو آهي،وڪيلن جي برادري داد جي لائق آهي، جيڪي سنڌ جي مستقبل لاءِ ميدان تي نڪتا آهن. سنڌ جو عوام وڪيلن سان گڏ بيٺل آهي. اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ تي ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته هڪ پاسي زرداري وفاق سان معاهدا ڪري ٿو،ٻي پاسي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪوڙا احتجاج ڪرائي ٿو،هن چيو ته چيئرمين عمران خان، جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي، ھن پيغام موڪليو آهي ته سنڌ سان ڪو به ظلم برداشت نه ٿيندو . حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جا وڪيل ڀائر ٽن ڏينهن کان ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، سنڌي قوم گھرن کان ٻاھر نڪتل آهي اڄ سنڌ جا معصوم ٻار ڀينرون ڀائر نٽهڻ اس ۾ پيرن اگھاڙي هنن ڪئنالن جي خلاف روڊن تي نڪتل آهن. هن چيو ته گذريل رات وڪيل برادري مٿان فائرنگ ڪري قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ،اياز چانڊيو،مجيب مشوري چيو ته اسان ڌرتي جو قرض ۽ پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، ڌمڪين ۽ فائرنگ کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، هي ڌمڪيون ڏين، فائرنگ ڪن يا بمن سان اڏارين اسان هاڻ پوئتي نه هٽنداسين، اسان مري به وڃون پر اوهان کي پوئتي نه هٽڻو آهي.

هن چيو ته اڄ اسان جي ڪيمپ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، هيءَ جدوجهد سڀني جي گڏيل جدوجهد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.