عامر وڙائچ ۽ حسن عباس جي سرگرم شرڪت ثابت ڪيو ته سنڌي نسل پرست ناهن

ڪراچي (محسن ٻٻر) سينئر تجزئي نگار  انعام شيخ چيو آهي ته ڪئنال مخالف تحريڪ کي ليڊ مخالف ڌر ۾ شامل سياسي جماعتن کي ڪرڻو هيو جي ڊي اي کان قومپرست ڌرين تائين سڀني واسطي اهو بهتر موقعو هيو سڃاڻپ  به ڏين ۽ هن کي تحريڪ ۾ تبديل به ڪن پر انهن ۾ هر ڪنهن جي پنهنجي اپروچ ۽ نظريو آهي جنهن جي ڪري حڪمت عملي تي  اتفاق راءِ پيدا نه ٿو ٿئي جنهن جي ڪري خال پيدا ٿيو.وڪيلن جو اهري قسم جي تحريڪن کي ليڊ ڪرڻ جو ڪم ناهي. سو ڪنهن چواڻي ته ڪڏهن فرد تاريخ تبديل ڪندا آهن ته ڪٿي تاريخ فردن کي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي.سو وڪيلن بطور وطن دوست برادري طور ان کي ليڊ ڪيوآهي.شروعاتي طور تي اها حيدرآباد جي ايس پي خلاف احتجاج طور شروع ٿي ۽ هاڻي اڳتي وڌي چڪي آهي،هن چيو ته  الميو اهوآهي ته سنڌ جون ننڍيون ننڍيون جماعتون اهو سمجهن به ٿيون ته جيڪي چيلينج آهن سي سندن وت وس کان ٻاهر آهن انهن وٽ نه آرگنائزيشن آهي نه فنڊز آهي  سو ماهرن کي تجزيو ڪرڻو پوندو ته سنڌين ۾ ايتري انارڪي  ۽ شخصيت پسندي آئي ڪٿان آهي. سياسي ڌرين کي قوم دعوت ڪونه ڏيندي انهن کي پاڻ اچي اڳواڻي ڪرڻي پوندي.ٿيڻ ائين کپندو هو ته وڪيل سياسي ڌرين جي پويان پويان هلن ها.اسان وٽ معاملو ابتو آهي جو سياسي ڌرين جون انائون وڏيون آهن يا اهي پنهنجو تاريخي ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار ناهن.هن ملڪ ۾ نظام سويلين نه پيا هلائين هڪ اڻ ڏٺل قوت  هلائي پئي اهائي سياسي ڌرين کي هدايتون به ڏيندي آهي. سو اها شئي  ٿي سگهي  ٿي.عوام ٻه فوٽ مٿي بيٺو آهي ته سياسي ڌرين کي ته چار فوٽ مٿي بيهڻو کپندو آ،هن چيو ته اگر هو ائين نه ٿا ڪن ته پوءِ ڪنهن هنڌ تان انهن کي مجبوري آهي يا اهڙا مسئلا آهن جن کي هو نظر انداز نه ٿا ڪر ي سگهن. يا کين اهڙيون حدون ڏنيون ويون آهن جن کي هو پار نه ٿا ڪري سگهن.هن پوري ملڪ ۾ وطن پرست وطن دوست سنڌي آهن اهي نسل پرست ناهن.سنڌي واضح آهن ته ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجن اگر اهو سنڌي ٻولي کي پنهنجو ڪر ي ٿو ۽ سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏئي ٿو ته اهو سنڌي آ،هن چيو ته هي سموري پر امن تحريڪ آهي ڪٿي به ڪنهن گاڏي کي پٿر ناهي هنيو ويو، ايتري تائين جو ڦاٿل مسافرن لاءِ ماني به آندي وئي آهي،هن چيو ته  وڪيلن جي ڪيمپ لاءِ ماڻهن  کيسا کولي ڇڏيا آهن گهرن جا در  دلين جا در کولي ڇڏيا آهن.هر قسم جي قرباني لاءِ تيار آهن،هن چيو ته هي  ايم آرڊي کان به وڏي تحريڪ آهي هن ۾ ڪا به تڪڙ ۽ اٻهرائي ناهي. کوڙ ڌريون هن کي نسل پرست ۽  پرتشدد بنائڻ جي ڪوشش ڪنديون.هن تحريڪ کي  پرامن تسلسل ضروري آهي. هن تحريڪ کي ڪير به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.