ڌرڻن دوران سنڌ مهمان نوازي ۽ انسانيت سان پيار جا نوان مثال قائم ڪري ڇڏيا

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پنهنجي بقاءَ ۽ تحفظ جي جنگ به اصولن ۽ انساني بنيادن تي وڙهندي، مزاحمت جا نوان ڍنگ ۽ رنگ سنڌ ۾ نظر اچڻ لڳا. سنڌ جي جياپي ۽ سنڌو تهذيب جي سڃاڻپ سنڌو درياهه ۽ زمينن جي تحفظ جي لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي ڪيل تاريخي احتجاج دوران به انسانيت سان پيار ۽ محبت جا مثال دنيا اکين سان ڏسي رهي آهي. ڪالهه جڏهن سڄي سنڌ ۾ لڳل ڌرڻن ۽ احتجاجي مظاهرن دوران روڊ رستا بند ٿي ويا ته ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جا مقامي ماڻهو ۽ قومي ڪارڪن احتجاج ڪندي رستي تي بيٺل مسافرن ۽ ڊرائيورن کي پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون پهچائيندا رهيا، ڪيترن ئي هنڌن تي پنجاب سميت ٻين صوبن مان سنڌ ايندڙ بسن، وينن، ٽرڪن ۽ ٽرالرن، جن لنڪ روڊن جا رستا پئي اختيار ڪيا ته روڊن تي احتجاج ڪندڙ سنڌ واسين کين سنڌو درياهه جي دانهن ڏيندي حڪمرانن جي فيصلن جا حوالا ڏئي چيو ته اسان پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ پيار ڪرايون، سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت اسان جو جياپو ۽ زندگي کسڻ وارن منصوبن تي عمل ڪرڻ ۾ لڳل آهي. ان ڪري اسان جو هي احتجاج جاري رهندو. سنڌ واسين احتجاج دوران مسافرن ۽ ڊرائيورن کي چيو ته توهان گاڏيون بيهاريو جيترا به ڏينهن لڳن توهان اسان جا مهمان آهيو،اسان توهان کي ماني، پاڻي ۽ چانهه سميت سموريون سهولتون ڏينداسين،پر توهان سنڌ واسين جي احتجاج ۾ رڪاوٽ نه بڻجو، اهڙن احتجاجن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تمام گهڻيون وائرل ٿينديون رهيون، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي پرامن سياسي مزاحمت ۾ به اصولن ۽ انساني همدردي واري روايتي مزاج کان پاسيرا ناهن ٿيا، روڊن تي بيٺل ٽرالر ۽ ٽرڪن وارن کي احتجاج ۾ شامل اڳواڻ پاڻ پنهنجن هٿن سان پيئڻ جو پاڻي ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.