خيرپور(رپورٽ عبدالمتين مهر) خیرپور سکر ۽ روهڙي جي دنگ ٻٻرلوءِ باء پاس وٽ چولستان کي آباد ڪرڻ لا۽ سنڌو درياهه تي غير قانوني 6 ڪينالن جي اڏاوت خلاف وڪيلن جي ڌرڻي تي ڪيل فائرنگ وڊيو وائرل پوليس جي جاچ جاري تفصیل موجب آچر جي صبح جو لڳ ڀڳ 5:57 وڳي ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي تي ان وقت نامعلوم ماڻهن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن وقت هو ارام ۾ ھئا جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڪاري رنگ جي ويگو اڇي فورچونر ۽ ڪاري پراڊو گاڏيون سب بغیر نمبر پلیٽ جي ھیون واقعي واري هنڌ کان تيزي سان ڀڄي رهيون آهن عيني شاهدن موجب فائرنگ ڌرڻي جي ڪئمپ جي مٿان کان ڪئي وئي جنهن کانپوءِ عوام انهن گاڏين جي پٺيان ڊوڙيو پر فائرنگ ڪندڙ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن سبب ھڪ نوجوان عزیر ڪیریو ڌڪ لڳڻ سان زخمي ٿي پیو غير تصديق ٿيل ذريعن جي مطابق ٽئي گاڏيون مبينا طور تي حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل هڪ ايم اين اي جون آهن جنهن تي فائرنگ جو الزام آهي پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين ڪا به ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي ٻٻرلوءِ ۾ فائرنگ واري واقعي بابت پوليس جاچ جاري رکي آهي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز جي مدد سان فائرنگ ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي .
پوليس جو چوڻ آهي ته جلد ئي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو.