سنڌ جا خدشا ختم ٿيڻ تائين ڪئنالن تي انچ به ڪم نه ٿيندو: کيئل داس

حيدرآباد (م ڊ) کيئل داس ڪوهستاني واضح ڪيو ته سنڌ جا خدشا ختم ٿيڻ تائين ڪئنالن تي انچ به ڪم نه ٿيندو. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀڙڪائڻ نه گهرجي، صوبن کي وڙهائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ڪو به هڪ طرفو فيصلو نه ٿيندو جنهن سان هڪ صوبو ڪاوڙجي. مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پاڻ تي ٿيل حملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي ان ۾ ملوث ناهي ڇو ته پ پ جمهوري پارٽي آهي، هنن اهڙا حربا ڪڏهن ناهن هلايا، جن ماڻهن مون تي حملو ڪيو انهن جا چهرا توڻي کين کنيل جهنڊا سڀني ڏٺا. هن چيو ته ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن، اسان سدائين صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي اسان کي پنهنجي ڪم کان روڪي نٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.