ڪراچي(رپورٽر)جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ ترقي پسند مصنفين طرفان ڪئنال سمورا نامنظور ، زمينن تي قبضا نامنظور ،پنجاب جي بالادستي نامنظور ،سنڌو خاطر جھيڙو جي نعرن جي گونج ۾ سوين ماڻھن جو ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جيڪا ڪراچي پريس ڪلب پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي. جڏھن ته جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو ، ھوم بيسڊ وومن ورڪز جي ڪامريڊ زھرہ خان پڻ شرڪت ڪئي. عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال پراڻي ڪھاڻي جي نئين قسط ۽ ڏيڍ سئو سال پراڻو قصو آھي. جڏھن قابض جج بڻجي ته ڪھڙا انصاف جا فيصلا ٿيندا. ھاڻي اھڙي منصوبي کي عوام جي طاقت ئي روڪي سگھي ٿي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ نه صرف پنجاب پر سنڌ جون زمينون ڏنيون ويون آھن، اھو جديد ڪالونائيزيشن جو قبضو آھي. زمينن تي قبضا ڪري وري ڌارين ماڻھن کي آباد به ڪيو ٿو وڃي اسان غلاميءَ واري زندگي گذارڻ لاء بلڪل تيار ناھيون،اسان اھڙي مقامي سامراجيت کي قبول نه ڪنداسون. پروفيسر رياض شيخ جو چوڻ ھيو ته سنڌ جي معدنيات جي به ڪا خبر ناھي ته ڪٿي ٿي وڃي. ھي جھيڙو ۽ ويڙھ تمام وڏي آھي. ڪامريڊ زھرہ خان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي باشعور عوام ھميشه سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي.اسان درياهه ۽ زمين بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين. سنڌ جا جاگيردار به اھڙي ڌاڙي ۾ برابر جا شريڪ آھن.رياض شاھد دايو چيو ته اسين اڄ پنھنجي حقن لاء روڊن تي آھيون.درياء سنڌ جي بقاءَ اسان سڀني جو گڏيل مسئلو آھي،ڪامريڊ عبدالخالق زدران چيو ته ڪراچي جا ماڻھون پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آهن پر اھي اڃان تائين گھرن ۾ موجود آھن.خدا ڏنو شاھ جو چوڻ ھيو ته ھن خطي جي سڃاڻپ سنڌو درياءُ آھي پر ان سنڌو کي مٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.