ڄامشوري ۾ مشاعرو، سنڌودرياهه کي ڀيٽا پيش

ڄامشورو (ڊ ر ) ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه جي اپ اسٽريم ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل طرفان  ۽” مشهور گيت سنڌو وهندو رهندو“جي تخليقڪار ڊاڪٽر اسحاق سميجو جي ميزباني ۾ڪوٺايل مشاعري ۾ ڏات ڌڻين ٻيڙين تي سوار ٿي شاعري پيش ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي. مشاعري ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو، سينيئر صحافي ناز سهتو، نامياري ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي، فياض لطيف چانڊيو، عزيز گوپانگ، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، علي آڪاش، عباس کوسو، قاضي مقصود گل، ڊاڪٽر ڀائي خان شر، فهيم نوناري، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، سوڌو عورت شاعرائن پڻ پنهنجين تخليقن ذريعي سنڌو درياهه ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. مشاعري ۾ راڳين سڪندر  بڙدي، خادم سخيراڻي، راحت بڙدي، سعيد سميجو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر اسحاق سميجو جو چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف سنڌ جا احتجاجن روڊن تي نڪتل آهن، ڀرپور مزاحمت ڪري رهيا آهن، هي اڄوڪو مشاعرو به ان مزاحمتي تحريڪ جو هڪ حصو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.