ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضىٰ وهاب وزيراعظم کان ڪئنالن واري منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي الزام لڳايو آهي ته هن معاملي کي پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو. صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ پارڪنگ ايريا جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي مرتضىٰ وهاب چيو ته ڪئنالن جي معاملي کي پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو، جڏهن ته سنڌ پنهنجو ڪيس مضبوط طريقي سان وڙهيو. وزيراعظم کي بلاول ڀٽو جي مطالبي تي ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته پاڻي گهٽ ٿيندو پيو وڃي، ڪنهن به حصي جو پاڻي ڪٽي ٻئي کي نٿو ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ پاڻ چئي رهي آهي ته پاڻي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، تنهن ڪري وزيراعظم شهباز شريف کي فوري طور تي ڪئنالن جو منصوبو روڪڻ گهرجي.