هڪ پاسي سنڌ ڪئنالن جي خلاف سراپا احتجاج آهي، وڪيل برادريءَ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ تاريخي ڌرڻو ڏئي پنجاب ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي ريلوي ٽريڪ ۽ ايئرپورٽ به بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي ۽ هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري به ٽيون ڏينهن حيدرآباد واري جلسي ۾ وفاقي حڪومت مان نڪرڻ جي ٻيو ڀيرو ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جو معاملو وفاق کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي تڏهن به حيرت انگيز طور تي وفاقي حڪومت کي جنگي نوعيت جي سنگين حالتن جو اڃا ڪو احساس ناهي ٿيو ۽ ان حڪومت جا وفاقي وزير رهندو غير ذميواراڻا ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي رهيا آهن. جيئن مصدق حسين چيو آهي ته هڪ ڪئنال ٺهڻ سان ڀلا ڪهڙي قيامت اچي ويندي. وري اهو به چيائين ته پنجاب وڏي عرصي کان سنڌ جي گيس استعمال ڪري رهيو آهي، ان تي ته سنڌين کي ڪڏهن ڪا غيرت نه آئي آهي. راڻا ثناءَ الله به ابتا سبتا بيان ڏيندو رهيو آهي ته جيڪي پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن سي شرپسند آهن، عوام کين ووٽ ئي ناهي ڏيندو. سعد رفيق وري چئي ٿو ته اهو ڪو طريقو ناهي ته روڊن تي اچي چئجي ته اسان کي هيترو پاڻي ڏنو وڃي.
اسان انهن بيانن کي نه رڳو غير ذميواراڻا پر انتهائي چڙ ڏياريندڙ به سمجهون ٿا. اهو وڙ ڪنهن به جمهوري حڪومت يا جمهوري اڳواڻن جو نٿو چئي سگهجي جيڪي احتجاج جي روح کي نه سمجهي سگهن. اسان هتي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن جي انهن بيانن بابت غير جذباتي ٿي پارلياماني لفظن ۾ جواب ڏيڻ چاهينداسين. جيستائين مصدق حسين جي ڏنل بيان جو تعلق آهي ته اسان جو خيال آهي ته سنڌ جو ان ڳالهه تي وڏي وقت کان اعتراض ۽ احتجاج رهيو آهي ته وفاق سنڌ جو هر قسم جو استحصال ڪندو رهيو آهي مصدق پاڻ مڃي ٿو ته پنجاب سنڌ جي گيس کڻندو رهيو آهي. جنهن تي به سنڌ جي عوام هميشه احتجاج ڪيو آهي پر هاڻي صبر لبريز ٿي چڪو آهي. سنڌ جي عوام 77 سالن کان وفاق جي سنڌ دشمن پاليسين کي ڀوڳيو آهي پر جڏهن ظلم رڪجڻ جو نانءُ ئي نه وٺندو ۽ وڌندو رهندو ته نيٺ عوام رستن تي ئي ايندو. سو سنڌي عوام وڏو صبر ڪيو آهي پر هاڻي حد ٿي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هڪ صوبي پنجاب جي مفادن کي ئي وفاق جو مفادسمجهيو ويندو آهي پر جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجو حق گهرندو آهي ته چيو ويندو آهي ته صوبائيت پکيڙي پئي وڃي. مصدق صاحب کي ڇا اها خبر ناهي ته سنڌ هر دور ۾ پاڻي جي معاملي ۽ سنڌ جي معدنيات تي پوءِ ڪارونجهر جبل جو پٿر هجي، ڪارپوريٽ فارمنگ جو معاملو هجي، زمينن تي قبضا هجن، گيس جا وسيلا هجن هميشه آواز اٿاريو آهي ته گيس جا ذخيرا سنڌ مان ملن ٿا ۽ ان جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال وري پنجاب ۾ ٿئي ٿو. ائين اين ايف سي جي معاملي ۾ زيادتي هجي سنڌ جي عوام آواز اٿاريو آهي. ٻيو ته ڇڏيو بينظير ڀٽو به چوندي هئي ته لاڙڪاڻي ۽ لاهور ۾ جي وزيراعظم۾ فرق رکيو ويندو آهي. آصف زرداري به اهڙا اشارا ڏيندو رهيو آهي. پر مصدق حسين الائي ڪهڙي دنيا ۾ رهندو آهي جو کيس ڪنهن به پسمنظر جي ڪا پروڙ ئي ناهي. هاڻي ته بلاول ڀٽو زرداري به کين ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ته ڪينالن جو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته حڪومت جي حمايت ختم ڪنداسين. وڏو وزير مراد علي شاهه به چوي ٿو ته ڪينال تان وفاقي حڪومت هٿ نه کنيو ته بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ سندن ساٿ نه ڏينداسن.
اهي سڀ زيادتيون ۽ سنڌ جو استحصال پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي اها صورتحال آهي جو سنڌ جي جاگرافيائي حد سڄي سنڌوندي ۽ ان جي ڊيلٽا مڪمل طور تي سُڪي چڪي آهي. ورهين کان 91 جي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿو ملي، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ 6 نوان ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ جي معنيٰ ڇا سمجهجي. ڇا اڃان به سنڌ جو عوام رستي تي نه اچي. عوام ته ڇا خود اوهان جي اتحادي جماعت پ پ ۽ ان جي سنڌ حڪومت به اوهان جي خلاف آهي حيرت آهي ته اوهان کي پنهنجي اتحادي جماعت جي به عزت جو خيال ناهي جنهن ٻه ڀيرا شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ ان جي مدد ڪئي آهي پر اوهان ان اتحادي جماعت جي سنڌ ۾ سياسي پوزيشن تڪراري بڻائي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو وڏو وزير ڪيترائي ڪيترائي ڀيرا اوهان کي چئي چڪو آهي ته ڪئنالن جي تڪراري منصوبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو پر اوهان هڪ سال کان اها آئيني گهرج پوري ناهي ڪئي. اڃان ٿا چئو ته پاڻي لاءِ رستن تي ڇو نڪري آيا آهيو ۽ احتجاج ڪندڙن کي جن پرامن احتجاج پئي ڪيو آهي، ڪو وڳوڙ ناهي ڪيو تن کي شرپسند ٿا چئو.
روڊ رستا بند ڪرڻ جي حق ۾ اسان به ناهيون پر جڏهن صدر مملڪت جي به نه ٻڌي ويندي، نه سنڌ حڪومت جي ٻڌي ويندي، نه گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو ۽ اوهان جا وزير اهو چوندا رهندا ته ڇا به ٿئي ڪئنالن جو منصوبو واپس نه ورتو ويندو ۽ سنڌ جي احتجاج باوجود ڪئنالن تي ڪم هلندو رهندو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته اوهان پاڻ سنڌي عوام کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ائين به ناهي ته ڪو رڳو قوم پرست جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن پر هاڻي ته سنڌ جو هر فرد پوءِ عورتون هجن، ٻار هجن، مرد، شاگرد، استاد، اديب، فنڪار، ڊاڪٽر، آبادگار ايستائين جو سنڌ جا کدڙا فقير به سنڌو درياهه جي بقا واري جنگ ۾ ڪاهي پيا آهن. وڪيلن جو ڌندڙ احتجاج ته اوهان ڏسي رهيا آهيو ڇا اهي سڀ شرپسند آهن جو اهي سنڌو درياهه جي بقا جو حق ٿا گهرن.وفاقي وزيرن کي پنهنجي رويي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، توهان سان ڪو مسئلو ناهي تڏهن به آپي کان ٻاهر نڪتل آهيو، جذباتي لڳا پيا آهيو، گهٽ وڌ پيا ڳالهايو باقي جن جو سڀ ڪجهه کسيو پيو وڃي. پاڻي، ناڻو، گيس، بجلي، زمينون، معدنيات سي جمهوري ۽ پرامن احتجاج به ڪن؟ افسوس آهي اوهان جي رويي تي. اوهان ته وفاق جي سلامتي جا علمبردار سڏائيندا آهيو اوهان کي ته وفاق جي مضبوطي جو خيال ڪرڻ گهرجي، اوهان جي اهڙن روين ڪري ئي هڪ ئي وقت ٽي صوبا سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختوخواه اوهان جي خلاف بيٺا آهن. سو موجوده صورتحال جي تقاضا اها آهي ته وفاقي حڪومت صوبن جا مسئلا حل ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ هلي، ٻيو ته وفاقي وزيرن کي غير ذميوار ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن کان فوري طور تي روڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي بيان ٻرنديءَ تي ويتر تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.