حيدرآباد(رپورٽر) جسقم پاران سنڌو درياء جي بچاء ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف اڄ 20 اپريل آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ ۾ شٽربند ھڙتال ۽ ڦيٿاروڪ ھڙتال جو سڏڏنو ويو آھي. جيئي سنڌ قومي محاذ جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي طرفان اڄ آچر ڏھاڙي سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ تڪراري ڪئنال خلاف سڄي سنڌ ۾ شٽربند ڦيٿا روڪ ھڙتال جو اعلان ڪيو ويو. سنڌي قوم کي پنھنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي حيدرآباد ۾ به شٽر بند ھڙتال جي حوالي سان پمفليٽ ورھايا ويا آھن. سنڌي قوم کي پنھنجو ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي.