واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جاري واپاري جنگ تيز ٿي وئي آهي، ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته چين کي هاڻي 245 سيڪڙو تائين جي نئين ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو، وائيٽ هائوس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين کي هاڻي پنهنجي انتقامي ڪارروائين جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ درآمدات تي 245 سيڪڙو تائين ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو،وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته پهرين ڏينهن تي، صدر ٽرمپ آمريڪي معيشت کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ‘آمريڪا فرسٽ ٽريڊ پاليسي’ شروع ڪئي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 75 کان وڌيڪ ملڪ اڳ ۾ ئي آمريڪا سان نوان واپاري معاهدا ڪرڻ لاءِ رابطو ڪري چڪا آهن، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ، چين آمريڪا ڏانهن گيليم، جرمينيم، اينٽيموني ۽ ٻين اهم هاءِ ٽيڪ مواد جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جيڪي فوجي سامان جي تياري ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا.