جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر سرڪي) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ مولانا علي اڪبر عباسي جي نوجوان پٽ ابو بڪر عباسي کي پنوعاقل مان اغوا ڪيو ويو آهي، پر ڪيترن ئي ڏينهن جي گذرڻ باوجود پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيڪا انتظاميا جي نااهلي ۽ مجرمانه غفلت جو واضح ثبوت آهي، پر پوليس رڳو ڏيکاءُ لاءِ ڪارروائي ڪندي رهي آهي، هن چيو ته اهڙي صورتحال عوام ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي،ڊاڪٽر انصاري مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري نوٽيس وٺي ۽ ابو بڪر عباسي کي محفوظ طور تي واپس آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي ته جي يو آءِ سنڌ سطح تي احتجاجي تحريڪ هلائيندي.ھوڏانھن جي يو آءِ جي مقامي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين به هن واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري قدم کنيا وڃن.