کيبر (رپورٽ:مظھر عباس ملاح )قومي عوامي تحريڪ جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان حيدرآباد تائين نڪتل درياھ بچايو ، سنڌ بچايو پيادل مارچ اڄ کيبر پهتو آهي پير لالا اظھرحسين نوحپوٽو، رياض احمد مھڙ، پير زبير کيبر ، پريس ڪلب جي ٽيم صدر آصف علي ملاح،عزيز گل کيبر ، علي حيدر ملاح ، نثار احمد شھوڪ ، مظھر عباس ملاح ۽ ٻين پاران گلن جي پتين جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو پيادل مارچ جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ،سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي ، شازيا احمداڻي،فضا فريد ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھباز شريف ،آصف علي زرداري ۽ مريم نواز توهان اسان سنڌين جو پاڻي کسيندا ته اسان پاڻي تي جنگ ڪنداسين پاڻي روڪڻ جو منصوبو ٺاهي سنڌ جون آباد زمينون غيرآباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا اسان ڪڏهن برداشت ڪونه ڪنداسين هنن چيو ته جن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو آهي اهي هاڻ ڊرامي طور خط ٿا لکن هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو ، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو ، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن هنن چيو ته 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي