راڻي پور ۾ پوليس جو ڇاپو، ٻن عورتن سميت 5 گرفتار

راڻيپور(رپورٽ:فياض حسين راڄپر) راڻي پور ۾ پنجاب پوليس ۽ خيرپور پوليس جي ڪارروائي ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا گرفتار  ڪيا ويا آهن. راڻي پور جي بودلا پاڙي ۾ پنجاب پوليس ۽ خيرپور پوليس ضلعي جي ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري لوڪيٽر سان جي مدد سان امتياز ڳاهوجي گهر تي چڙهائي ڪري ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او راڻيپور جو چوڻ آهي ته پنجاب جي فيصل آباد مان ڪجهه ڏينهن اڳ جج قتل ٿيو هو جنهن جا جوابدار امتياز ڳاهو جي گهر م لڪل هئا جن کي ٽيڪنيڪل حوالي سان گرفتار ڪري ورتو   .

  1. هارورڊ يونيورسٽي هڪ مذاق آهي، نفرت ۽ بيوقوفي سيکاري ٿي:  ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هارورڊ يونيورسٽي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي ادارو هاڻ وفاقي فنڊنگ جو حقدار ناهي رهيو،  ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته، ”هاڻ هارورڊ کي ڪنهن به معياري تعليمي اداري طور شمار نٿو ڪري سگهجي ۽ ان کي دنيا جي عظيم يونيورسٽين جي فهرست ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي،  هارورڊ هڪ مذاق آهي، جيڪا نفرت ۽ بيوقوفي سيکاري ٿي ۽ ان کي وڌيڪ وفاقي فنڊس نه ملڻ گهرجن“، ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميه ۽ هارورڊ جي وچ ۾ تڪرار تڏهن وڌي ويو هو جڏهن يونيورسٽي، ٻين يونيورسٽين جي ابتڙ، حڪومتي دٻاءَ جي باوجود پنهنجي تعليمي ۽ انتظامي مامرن ۾ مداخلت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

  1. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، مبينا دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي سنڌ سچل واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي سان تعلق رکندڙ هڪ مبينا دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا، سي ٽي ڊي سنڌ، سچل پوليساسٽيشن جي علائقي ۾ پوليس هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم 33 ميمڻ قبرستان ويجهو معلومات تي ڪارروائي ڪندي، پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي سان لاڳاپيل دهشتگرد سجاد شر عرف ببلو پٽ غلام عباس کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا، سي ٽي ڊي سنڌ جي ترجمان موجب، گرفتار ٿيل جوابدار ايس آر اي ڪمانڊر اصغر علي شاهه ۽ نور احمد چانڊيو جو ويجهو ساٿي آهي، گرفتار ٿيل جوابدار اڳ ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ڌماڪيدار مادي جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي.

  1. منشيات ڪيس، جاچ آفيسر کي حتمي چالان 6 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي مهلت

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ  جي جج شهزاد خواجه جي عدالت ۾ اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن کي منيشات واري ڪيس ۾  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت ۾ عبوري چالان درست ڪرڻ کان پوءِ جمع ڪرائي،عدالت جاچ آفيسر کي حتمي چالان 6ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، جوابدار کي 22اپريل تي ٻيهر پيش ڪيو ويندو.

  1. سون جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، في تولو قيمت عوام کي حيران ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جو اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن واڌ کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 8600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 48 هزار رپين جو ٿي ويو آهي، اهڙي طرح ڏهه گرام سون 7373 رپيا واڌ سان 2 لک 98 هزار 353 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جتي في اونس سون 46 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزر 3 سئو 10 ڊالرز ۾ وڪامي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.