روزاني عوامي آواز اخبار پنهنجي پاليسي طور وڻڪاري مهم کي هر دور ۾ اهميت ڏيندي رهي آهي. تنهن ڪري جڏهن به ان موضوع، ان جي اهميت ۽ ضرورت تي لکيو ويو آهي ته ان کي اوليت جي بنياد تي هڪ مشن طور شايع ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن کان رياض پيرزادي نالي هڪ ليکڪ وڻڪاري مهم هلائيندي سهانجڙو (مورنگا) وڻ پوکڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ ٻيلي کاتي کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته اهو پنهنجي زمينن تي وري ٻيلن پوکڻ جي راهه هموار ڪري. سندس ليک ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمنٽ جي زمينن تي وڻ پوکي سنڌ کي وري سائو بڻائي سگهجي ٿو. دنيا جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سهانجڙو ان ڏس ۾ انتهائي ڪارآمد وڻ آهي. هن وڻ جي پنن، ڦرن، ڇال ۽ جڙن مان غذائيت، دوا ۽ ماحول جي بهتري لاءِ بي مثال فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اهو وڻ نه رڳو انساني صحت لاءِ مفيد آهي پر موسمي تبديلي، زمين جي سڌاري ۽ ماحولياتي توازن لاءِ پڻ اهم حيثيت رکي ٿو پر افسوس ته جتي سڄي دنيا مورنگا وڻ جي پوکي کي ترجيح ڏئي رهي آهي اتي وري اسان جي حڪومت ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي ڏانهن مائل نظر اچي رهي آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي وڻن جي پوکي ڪئي وڃي. ائين سنڌ کي سائو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ موسمي شدت، پاڻي جي کوٽ ۽ ماحولياتي بحران وڏا چئلنج بڻجي چڪا آهن ان ڪري سرڪاري زمينن کي استعمال ڪري منظم شجر ڪاري ذريعي ئي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. سو اسان جي گذارش آهي ته حڪومت هڪ واضح شجر ڪاري ايڪشن پلان جو اعلان ڪري ۽ ماحول دوست قدم کڻي سنڌ جي زمينن کي سرسبز بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻي. اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت خاص ڪري ماحوليات، زراعت ۽ فاريسٽ سان لاڳاپيل ادارا هن اهم معاملي تي ڌيان ڏين ته سنڌ نه فقط سائي ٿي سگهي ٿي پر خوشحال به.“
ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ به ٻيلن جي پوکائي بابت هڪ ڪيس هلي رهيو آهي ته سڄي دنيا اندر ٻيلا وڌي رهيا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ وري وڍجي ۽ گهٽجي رهيا آهن تنهن تي هڪ جج ريمارڪ ڏنو ته عدالت جو ڪم وڻ پوکڻ ناهي، بهرحال اهو ته ريمارڪ هو ڪو فيصلو ناهي، فيصلو اچڻو آهي.
اسان هن ايڊيٽوريل ذريعي هميشه وانگر ان وڻڪاري مهم کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏينداسين. هونئن به ڏسجي ته موسمي تبديليون ۽ گرمي پد وڌڻ سان ڌرتي جي وجود کي خطرناڪ حد تائين خطرو لاحق ٿي چڪو آهي جنهن جي ڳچ ورهين کان نشاندهي پڻ ٿيندي رهي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن کان انسان ۽ وقت جي حڪومتن فطرت مان فائدو وٺڻ بدران رهندو ان کي ئي نقصان رسايو آهي ته فطرت به ردعمل ۾ انسان کي تباهي ئي ڏني آهي جنهن جو هڪ مثال وڌندڙ گرمي پد جو آهي. انسان هٿ سان ڌرتي تي اهڙي گرمائش پيدا ڪئي آهي جنهن جي دونهين اوزون تهه ۾ سوراخ ڪري وڌو آهي ۽ هاڻي اهو سوراخ ويڪري کان ويڪرو ٿي رهيو آهي جنهن سبب سج جي تپش ان سوراخ مان لنگهي سنڌو سنئون ڌرتي کي تپائي ٽامو ڪري ڇڏيو آهي. اوزون جو اهو تهه ويڪرو ٿيندو ويندو ته سج جي تکائي ڌرتي کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي تنهن ڪري ماحوليات جي ماهرن ڌرتي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ جي مهم هلائڻ سان گڏ باهه جي دونهين کي گهٽ کان گهٽ آسمان ڏانهن موڪلڻ جا انتظام ڪري رهي آهي.
جيستائين وڻن ۽ ٻيلن جي واڍي جو معاملو آهي ته ان سان به گرمي جو پد ڌرتي جي مٿاڇري تي وڌيو آهي. ڌرتي تي وڻن جي ڇانوَ به هاڻي گهڻي ناهي رهي ان ڪري دنيا ۾ وري گهڻي کان گهڻا وڻ پوکڻ ۽ ٻيلا پوکڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي اهو شعور ماحولياتي ماهرن تائين محدود ناهي رهيو پر عوامي سطح تائين پهچي چڪو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ماحوليات ۽ موسمياتي کاتي سان تعلق نه رکندڙ ساڃاهه وند دوست به وڻڪاري ۽ ٻيلن جي واڌ جي مهم هلائيندي نظر اچي رهيا آهن پر حيرت آهي ته پنهنجي ملڪي حڪومت جو ان ڏس ۾ ڪو ڪردار نظر نه پيو اچي.سندس مجرماڻي خاموشي کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي.
اها حقيقت آهي ته هاڻي سڄي دنيا اندر ٻيلن کي بحال ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. جنهن سان ڌرتي کي ڇانوَ ملندي، جهجهيون برساتيون پونديون ۽ ٻيا به تمام گهڻا فائدا ٿيندا تنهن تي سوچڻ بدران اهو الٽو اسان وٽ وري ٻيلن جي واڍي جو خوني سلسلو جاري آهي. اهو عمل ائين آهي ته انسان جنهن وڻ جي ٽاري تي ويٺل هجي سا وڍيندو ته پاڻ ئي ڦهڪو ڪري اچي پٽ تي ڪرندو. سو ماحول ڏانهن اسان جو اهو ئي رويو رهيو آهي جنهن ڪري انسان توڙي ڌرتي گرمي ۾ سڙي رهيا آهن. هاڻي به هوش مان ڪم نه ورتو ويو ته تباهي يقيني آهي ۽ مممڪن آهي ته موجوده صورتحال ان ڏس ۾ آخري الٽيميٽم هجي.
سو اسان حڪومتن ۽ ملڪ جي سڀني ٻيلن جي کاتن کي گذارش ڪنداسين ته اهي وڻڪاري مهم لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ اڳواڻي جو ۽ ماحول دوست ڪردار ادا ڪن جنهن ۾ سڀني جو ڀلو آهي. وڻن ۾ به خاص ڪري سهانجڙو جهڙا ماحول دوست وڻ وڌ کان وڌ پوکڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ گهرجي.