سعودي سفير سان رومانوي لاڳاپا، مشهور ماڊل گرفتار

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) مشهور بنگلاديشي ماڊل ۽ اڳوڻي مس ارٿ بنگلاديش ميگهنا عالم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ميگهنا عالم کي ملڪي سفارتي لاڳاپن کي ڇيهو رسائڻ جي الزام هيٺ اسپيشل پاورز ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ميگهنا عالم مبينا طور سوشل ميڊيا تي هڪ سعودي سفير خلاف ڪوڙي ڄاڻ ڦهلائي، جنهن جو مقصد عالمي لاڳاپا بگاڙڻ هو.
گرفتاري کان اڳ ميگهنا عالم طرفان فيسبڪ تي ڪيئي پوسٽن ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ پرڏيهي سفير کيس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ان کانپوءِ ماڊل کي گرفتار ڪري ڍاڪا جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 30 ڏينهن لاءِ جيل اُماڻي ڇڏيو.
ٻئي پاسي ميگهنا جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ جي گرفتاري ڍاڪا ۾ مقرر سفير سان لاڳاپن کانپوءِ ٿي.
هن چيو ته سفير ۽ ميگهنا وچ ۾ لاڳاپا هئا ۽ ميگهنا سفير طرفان شادي جي آڇ قبولڻ کان انڪار ڪيو هو، ڇو ته سفير شادي شده ۽ ڪيئي ٻارن جو پيءُ آهي.
هوڏانهن انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنشل به بنگلاديشي ماڊل جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.