ڀارتي سپر اسٽار مسلمانن جي حق ۾ موديءَ جي ڪاري قانون خلاف ميدان تي اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي سڀ کان مهانگي اداڪاروجئه ٿلاپٿي مودي سرڪار جي تڪراري وقف بل خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
سپر اسٽار وجئه ٿلاپٿي پنهنجي سياسي جماعت تملگا ويٽري ڪاليگم طرفان ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ وقف بل چئلينج ڪري ڇڏيو.
پنهنجي جماعت جي صدر طور اداڪار وجئه ٿلاپٿي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وقف بل مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
ياد رهي ته رمضان ۾ وجي ٿلاپٿي مسلمانن سان ايڪي جي اظهار لاءِ روزو رکيو ۽ ساڻن افطاري ڪئي ۽ نماز پڻ پڙهي هئي.
سندس تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ اِهي خبرون پڻ گردش ڪري رهيون هيون ته شايد وجئه جيڪو عيسائي آهي، اسلام قبول ڪرڻ وارو آهي پر اداڪار طرفان اهڙي قسم جو ڪو به بيان سامهون نه آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.