سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي واپار، خريداري ۽ استعمال تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي اندر پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل طور پابندي لڳائي ڇڏي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ” سنڌ پروهيبيشن آف نان ڊي گريڊ ايبل پلاسٽڪ پراڊڪٽس رولز 2024ع“ ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي.
ترجمان موجب، هاڻي پلاسٽڪ بيگز، شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ ڪيريئر بيگز جي واپار، خريداري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي.
اجلاس دوران سنڌ ڪابينا فرسٽ ايئر ڪراچي بورڊ جي شاگردن لاءِ ڪيمسٽري، فزڪس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ 20 سيڪڙو تائين گريس مارڪس ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني.
ان کانسواءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 200 ملين رُپين جي گرانٽ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور لاءِ بسن جي خريداري لاءِ 1 ڪروڙ 65 لک رُپيا منظور ڪيا ويا.
وڏي وزير نيشنل باڪسنگ چيمپيئن شپ لاءِ 2 ڪروڙ رُپيا، ڪڊني سينٽر ڪراچي لاءِ 50 ڪروڙ رُپين جي ون ٽائيم گرانٽ ۽ ايس آءِ سي وي ڊي لاءِ 30 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ جي به منظوري ڏني.
ترجمان موجب، ڪابينا ” سنڌ هيبيچوئل آفنڊرز مانيٽرنگ رولز 2025ع“ جي به منظوري ڏني، جنهن تحت اڳ ۾ منظور ٿيل ”سنڌ هيبيچوئل آفنڊرز مانيٽرنگ ايڪٽ 2023ع“ تي عمل ڪندي اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ عادي ڏوهارين کي برقي بريسليٽ پائڻو پوندو، جنهن ذريعي سندن نگراني ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.