ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مستونگ ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي بهادر اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته پوليس جي جوانن ملڪ خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون، سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون قوم جي حوصلي ۽ عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
هن چيو ته شهيدن جو پاڪ رت هرگز ضايع نه ويندو، پوري قوم سوڳوار آهي ۽ شهيدن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
سيد اويس قادر شاهه وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ دشمنن خلاف اتحاد ۽ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي.
Prev Post
You might also like