دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هڪ ڏينهن واري فارميٽ ۾ بيٽرن ۽ بالرن وچ ۾ مقابلي ۾ توازن رکڻ لاءِ هڪ اننگز دوران ٻنهي اينڊز کان ٻه مختلف بالن جي استعمال واري قانون ۾ ڦيرڦار بابت سوچي رهيو آهي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موهب، گذريل هفتي زمبابوي جي راڄڌاني هراري ۾ آءِ سي سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اننگز جي 35 هين اوور کانپوءِ هڪ بال استعمال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.
اِها تجويز اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ڪميٽي طرفان بورڊ جي سربراهن کي پيش ڪئي وئي.
تجويز موجب، هر اننگز شروع ته ٻن بالن سان ٿيندي پر اننگز جي 35 هين اوور کانپوءِ باقي اوورن لاءِ ٻنهي مان ڪنهن هڪ بال جي چونڊڻ جو اختيار فيلڊنگ سائيڊ وٽ هوندو.
ڪرڪيٽ ڪميٽي بال جي تبديلي لاءِ 25 اوورن کانپوءِ جو خيال پيش ڪيو هو جنهن کي ڪميٽي ميمبرن طرفان موٽ نه ملي سگهي.
ڪرڪيٽ بورڊز هلندڙ مهيني جي آخر تائين ان تجويز بابت پنهنجي راءِ پيش ڪندا ۽ قانون تي اتفاق جي صورت ۾ جولاءِ ۾ رٿيل آءِ سي سي جي سالياني جنرل ميٽنگ ۾ ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
Prev Post
You might also like