پيٽرول ڪيترو سستو ٿيندو؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي تجويز موڪلي وئي آهي.
ذريعن موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 27 پيسا لاٿ جي تجويز آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 6 رپيا 96 پيسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي تجويز موڪلي وئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.