سنڌ حڪومت جو 17 اپريل تي عام موڪل جو اعلان

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان عمرڪوٽ ضلعي ۾ 17 اپريل تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ عام موڪل اعلان ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته نواب يوسف ٽالپر 2024ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ مان ايم اين اي چونڊيو ويو هو، هو هلندڙ سال فيبروري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ مٿي ڄاڻايل سيٽ خالي ٿي وئي هئي، جنهن تي هاڻي 17 اپريل تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.