ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا، اسيمبلي جي سب ڪميٽي جي سفارش تي ڪراچي بورڊ جي فرسٽ ايئر جي شاگردن لاءِ گريس مارڪ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
فيصلي موجب، ڪيمسٽري، فزڪس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 20 سيڪڙو تائين گريس مارڪس ڏنيون وينديون.
وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽي اينڊ بورڊز جي شعبي کي هدايت ڪئي آهي ته تعليمي بورڊن ۾ سڌارا آندا وڃن.
ٻئي پاسي وڏي وزير صوبائي چيف سيڪريٽري کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي جيڪا سڀني تعليمي بورڊن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين جي جاچ ڪري ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪري.
You might also like