ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار، سلمان خان جي فلم ” سڪندر “ جي فلاپ ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
سلمان خان جي فلم ” سڪندر “ عيد الفطر جي موقعي تي رليز ٿي پر اِها باڪس آفيس تي ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ٻه سئو ڪروڙ رپين جي بجيٽ مان ٺهندڙ سڪندر هنيئر تائين ڀارت ۾ 128 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهي آهي.
سڪندر جي ناڪاميءَ سلمان خان کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي فٽنيس تي ڌيان ڏيڻ لڳو آهي.
ٻئي پاسي سڪندر جي فلاپ ٿيڻ تي اداڪار اڪشي ڪمار به حيرت جو اظهار ڪيو آهي .
دهلي ۾ پنهنجي فلم ” ڪيسري ٽو“ جي مشهوري مهم دوران سڪندر بابت سوال تي چيو ته ” ائين ممڪن نه آهي، ٽائيگر زنده آهي ۽ هميشه رهندو.“
هن چيو ته سلمان خان اهڙي نسل جو ٽائيگر آهي جيڪو ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي، منهنجو دوست آهي ۽ مان سدائين ساڻس گڏ بيٺو رهندس.
واضح رهي ته سلمان خان ۽ اڪشي ڪمار سٺا دوست آهن، ٻئي گڏ ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاري چڪا آهن.
Next Post
You might also like