تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا وچ ۾ عمان ۾ ڳالهين جي پهرئين دور کانپوءِ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو بيان سامهون اچي ويو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ايراني سپريم ليڊر چيو آهي ته آمريڪا سان جاري ڳالهيون شروعاتي طور تي ” صحيح طريقي سان“ ٿيون، پر هن خبردار ڪندي چيو ته ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ به ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ بنا نتيجي ختم به ٿي سگهن ٿيون.
ايراني سپريم ليڊر موجب، شروعاتي مرحلي ۾ ڳالهه ٻولهه سٺي رهي، اسان ٻي ڌر جي بابت گهڻو پراميد نه آهيون پر پنهنجي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي.
جيتوڻيڪ ايران ۽ آمريڪا ۾ 1979ع واري انقلاب کانپوءِ سفارتي لاڳاپا ڪٽيل آهن پر ٻنهي ملڪن تازي ڳالهه ٻولهه کي ” تعميري “ قرار ڏنو آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته هاڻي به ڳالهيون اڻ سڌي طرح جاري آهن ۽ عمان جي ٽياڪڙي سان ٿي رهيون آهن.
ڳالهين جي پهرئين دور کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهه ٻولهه جو پهرين دور پڄاڻي تي پهتو.
سندس چوڻ هو ته ڳالهيون تعميري ۽ هاڪاري ماحول ۾ ٿيون، ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ کان اڳ ايراني ۽ آمريڪي وفدن وچ ۾ مختصر ڳالهيون ٿيون.
پر گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو وري ايران جي جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ ايراني قيادت کي ” انتهاپسند “ قرار ڏيندي چيو ته وٽن جوهري هٿيار نه هئڻ گهرجن.
هوڏانهن ايران دعويٰ ڪئي آهي ته ان جو جوهري پروگرام پرامن مقصدن ۽ خاص طور تي توانائي جي پيدوار لاءِ آهي.
You might also like