اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حرا ماني پنهنجي ڪاوڙ بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هوءَ ڪاوڙ ۾ اچي گهر جا درَ ڀڃي ڇڏيندي آهي.
سوشل ميڊيا تي حرا ماني جي هڪ انٽرويو جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ جي بابت ڳالهائيندي چيو ته ” مان ڏاڍي توائي باز آهيان، ان ڪري منهنجي گهر جا درَ هميشه ٽٽل هوندا آهن، مان ڪاوڙ ا۾ اچي الماڙيون ۽ درَ ڀڃي ڇڏيندي آهيان ۽ هاڻي تي انهن جي مرمت جو ڪم به سکي وئي آهيان. “
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن عام طور تي ڪاوڙ تڏهن ايندي جڏهن ٻار وقت تي اسڪول مان واپس ناهن موٽندا، پر جيڪڏهن ٻار موجود هجن ۽ ماني يا هن کي ڪاوڙ اچي ته پوءِ هنن مان ڪو هڪ گهر کان ٻاهر نڪري ويندو آهي.
حرا ماني مسڪرائيندي چيو ته ” اڄڪلهه ماني ڏاڍو خوش آهي، ڇو ته مان صبح نائين وڳي ڪم تي هلي ويندي آهيان ۽ رات 10 وڳي گهر موٽندي آهيان، تنهنڪري هاني گهر جا سڀ درَ سلامت رهن ٿا.“
انٽرويو دوران هن چيو ته ” جڏهن مان واندي هوندي آهيان تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي، ان ڪري ماني هميشه مونکي چوندو آهي ته ڪم ڪر، ڇو ته جڏهن تون ڪم ناهين ڪندي تڏهن هڪ عجيب عورت بڻجي ويندي آهين.“
You might also like