مالديپ حڪومت غزا ۾ مظلوم فلسطينين ايڪي جو اظهار ڪندي اسرائيلي پاسپورٽ رکندڙ شهرين لاءِ ملڪ ۾ داخلا تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مالديپ جي پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ صدر محمد معيزو فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪو فوري طور لاڳو ٿي ويو آهي.
صدارتي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميگريشن قانون ۾ ترميم غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج طور ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين قانون تحت، اسرائيلي پاسپورٽ رکندڙ شهرين کي مالديپ ۾ داخلا جي اجازت نه هوندي، جڏهن ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو ٻين ملڪن جي سفري دستاويزن ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.
واضح رهي اِها تجويز سڀ کان پهرين مئي 2024 ۾ مخالف ڌر جي پارليامينٽ ميمبر ميڪائل احمد نسيم طرفان پيش ڪئي وئي هئي، جنهن کي سيڪيورٽي سروسز ڪميٽي منظور ڪيو ۽ 308 ڏينهن کانپوءِ پارليامينٽ مان حتمي منظوري ورتي وئي.
ان کانسواءِ صدر معيزو فلسطيني علائقن ۾ انساني ضرورتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ سان گڏ ” فلسطين سان ايڪي“ جي عنوان هيٺ فنڊ ريزنگ مهم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.
واضح رهي ته رڳو سال 2023 ۾ 11 هزار کان وڌيڪ اسرائيلي سياحن مالديپ جو دورو ڪيو هو، جڏهن ته غزه ۾ جاري صورتحال سبب 2024 ۾ اهو انگ گهٽجي ويو آهي.
ٻئي پاسي مالديپ جي تازن قدمن جي جواب ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزارت پنهنجن شهرين، خاص طور تي ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي مالديپ جو سفر نه ڪرڻ ۽ اتي موجود ماڻهن کي جلد کان جلد نڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ قونصلر سهولتون محدود آهن.
واضح رهي ته مالديپ آبادي جو 98 سيڪڙو کان وڌيڪ مسلمانن تي ٻڌل آهي ۽ اِهو ماضيءَ ۾ به اسرائيلي سياحن تي پابندي لڳائي چڪو آهي، جيڪا 1990 واري ڏهاڪي ۾ ختم ڪئي وئي هئي.
2010 ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اها مهم 2012 ۾ ناڪام ٿي وئي هئي.
You might also like