الاٽ ڪيل لکين ايڪڙ زمين فوري طور رد ڪرڻ گهرجي: علي خورشيدي

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنسڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سکر سميت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته اسان سکر کي ٻيهر فعال بڻائي رهيا آهيون، پوءِ ڀلي جنهن جي پيٽ ۾ جيترو به سور هجي، علي خورشيدي ڪئنال جي منصوبي کي سنجيده مسئلو قرار ڏيندي چيو ته ان جو اثر سنڌ جي هر شهري تي پوندو، پ پ ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي آهي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ هڪ ڦڙو به نه ڏنو ويندو، هن واضح ڪندي چيو ته 8 جولاءِ 2024 تي صدر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ڇهن نئين ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي اڄ به صدر جي ويب سائيٽ تي ان اجلاس جو رڪارڊ موجود آهي، جنهن جي مون پرنٽ ڪاپي ڪڍي آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي سچ پئي ڳالهائي ته پوءِ ان اجلاس جي منٽس تي جوابي پريس رليز ڇو نه جاري ڪئي وئي، هن چيو ته لکين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جيڪا فوري طور رد ڪرڻ گهرجي ڪاغذن ۾ اپروول ڏني وئي آهي ۽ ٻاهر نه کپي جا نعرا لڳي رهيا آهن، اهڙي ٻٽي پاليسي سان ڪم نه هلندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.