پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان سوديبازي واري پوزيشن ۾ اچي وئي

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن، پر پارٽي اندر ان بابت اختلاف موجود آهن. ڪجهه اڳواڻ ڳالهين جا حامي آهن ته ڪجهه اڃا تائين مزاحمتي پاليسي کي جاري رکڻ جا حامي آهن. مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿئي، ته اهو تاثر نه وڃي ته پارٽي اسٽيبلشمينٽ کان رليف حاصل ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جو ارادو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن احتجاج وڌيڪ اثرائتو بڻجي. جي يو آءِ جي شرط آهي ته هو صرف ان صورت ۾ اتحاد ۾ شامل ٿيندا جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ کين شامل ڪيو وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ آگاهه رکيو وڃي. عمران خان سان ملاقاتن لاءِ هڪ "گيٽ ڪيپر” مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ملاقاتن جي ترتيب، ڄاڻ جي حدبندي ۽ ميڊيا تائين پهچندڙ معلومات تي ڪنٽرول ڪندو. ان لاءِ هڪ پنج رڪني ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي جيڪا فيصلو ڪندي ته ڪهڙي ڄاڻ ظاهر ڪئي وڃي. ٻئي طرف، پي ٽي آءِ پرڏيهي معاملن ۽ عالمي لاڳاپن واريون پنهنجون ڪميٽيون به ختم ڪري ڇڏيون آهن. اهي تبديليون اڳ ئي ان وقت کان تياري هيٺ هيون جڏهن نومبر ۾ هڪ آمريڪي پاڪستاني، پارٽي چيئرمين سان ڊگهي ملاقات ڪئي هئي. بعد ۾ مارچ ۾ به هڪ وفد عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪئي. پارٽي اندر راءِ آهي ته هڪ پاسي مزاحمت جاري هجي ته ٻي پاسي ڳالهين ذريعي سياسي مقصد حاصل ڪيا وڃن ته جيئن عوامي سطح تي اهو تاثر رهي ته عمران خان جي آزادي مزاحمت جو نتيجو آهي. پي ٽي آءِ جلد سوشل ميڊيا بابت به پاليسي جوڙڻ واري آهي، جڏهن ته علي امين گنڊاپور جي جيڪڏهن ملاقات ٿي ته مائنز ۽ منرلز بابت قانون جي منظوري به ملي سگهي ٿي، جنهن تي عوامي نيشنل پارٽي کي سخت اعتراض آهي. مجموعي طور، پي ٽي آءِ هاڻي سوديباري واري پوزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي جتي هو هر فرنٽ تي پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 15 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.