ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آھي ته سنڌوءَ جي پاڻي جي سودي بازي، ڌاڙيل راڄ کان وٺي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڌارين جي حوالي ڪرڻ تائين پ پ سنڌ جي عوام جي مجرم آھي. سنڌوءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ جي پاڻ اجازت، عوام جي ڀرپور احتجاج باوجود نه مڃڻ جي رٽ وري مخالفت ۾ جلسن ۽ نعرن وارو ڊرامو پ پ قيادت جي ٻٽي معيار جي نشاندھي ڪري ٿو. ڳالھ صرف ايتري آھي ته جنھن صدر ان ڪئنالن جي اجازت ۽ ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي اھو ئي فيصلو واپس وٺي سنڌ جي دردن جو درمان ڪري سگھي ٿو. پ پ جو سنڌ مٿان 16سالن وارو دور سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جو دؤر آھي. تسلسل سان ڪيترائي سال اقتدار ۾ رھڻ جي باوجود ھتان جو عوام صاف پاڻيءَ، صحت، تعلم جھڙين بنيادي سھولتن کان محروم آھي. تڪراري ڪئنالن خلاف درياء بچايو تحريڪ توڙي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ جماعت اسلامي سنڌ پ پ حڪومت جو چھرو بي نقاب ۽ پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. اھڙن خيالن جو اظهار هن سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. اداره نور حق ۾ ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سنڌ جو اڳوڻو امير محمد حسين محنتي، برجيس احمد ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا پڻ شامل ھئا. مولانا اسدالله ڀٽو مرڪزي امير کي جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي توڙي سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف جاري درياء بچايو تحريڪ جي جدوجهد کان آگاهي ڏني.