عباسي شهيد اسپتال جي هائوس آفيسرن پاران پگهار نه وڌائڻ خلاف احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال ۾ هائوس آفيسرن پگهار ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪندي، ڊائريڪٽر آفيس جو گھيراءَ ڪيو،ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال ۾ هائوس آفيسرن پگھارون وڌائڻ جي لاءِ  ڊائريڪٽر جي آفيس جو گهيرو ڪندي ڀرپور احتجاج ڪيو، احتجاج ۾وڏي تعداد ۾ عورت هائوس آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، هائوس آفيسرن ٻڌايو ته 5 سالن جي تعليم کان پوءِ انهن کي 30 کان 45 هزار رپيا پگهار ملندي آهي، جڏهن ته ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ پگهار 70 هزار تائين هوندي آهي، اسان سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد اقبال چيو ته 230 آفر ليٽر جاري ڪيا ويا پر صرف 9 ڊاڪٽرن انهن کي قبول ڪيو،  مريضن جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ پراڻي هائوس آفيسرن کي ترقي ڏني وئي آهي ڪراچي جي ميئر يقين ڏياريو ته جون تائين پگهارون وڌايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.