ڪَرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪَرڪ ۾ انڊس هاءِ وي وٽ لڪي غنڊڪي جي ويجهو ڏکوئيندڙ ررڊ حادثي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
لڪي غنڊڪي ويجهو هڪ ٽرالر مسافر وين تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وين جا ڪيترائي مسافر گاڏيءَ ۾ ڦاسي پيا.
حادثي کانپوءِ علائقي واسي ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي امدادي ڪارروائين ۾ مصروف ٿي ويون.
ريسڪيو اختيارين موجب، 12 لاش ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.