عمران خان جي ٻارن سان فون تي رابطي ۽ ذاتي ذاڪٽرن کان طبي معائني جون درخواستون منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل عدالت، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کان طبي معائني بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند، پي ٽي آءِ باني طرفان ٻارن سان فون تي رابطي ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کان طبي معائني بابت داخل ڪيل ٻنهي درخواستن تي فيصلو ڏنو.
عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ٻئي درخواستون منظور ڪندي حڪم ڏنو ته هن سال ۽ گذريل سال جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي هئي ته پي ٽي آءِ باني کي هفتيوار بنياد تي واٽس ايپ تي ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، تنهنڪري اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي عدالتي حڪم تي عمل ڪري.
عدالت چيو ته جيل انتظاميا واٽس ايپ ڪال بابت تعميلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.
فيصلي موجب، جيل جي ڊاڪٽرن جي موجودگيءَ ۾ پي ٽي آءِ باني جي ذاتي ڊاڪٽرن کي طبي معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ معائني بابت عملدرآمد رپورٽ 28 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.