آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ آمريڪي وفد سان پي ٽي آءِ جون شڪايتون

اسلام آباد(ع آ نيوز) تحريڪ انصاف تازو پاڪستان جو دورو ڪري آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ آمريڪي وفد سان شڪايتون ڪيون آهن. تحريڪ انصاف جي حامي صارف صائمه بابري ايڪس (X) تي جيڪ برگمين ۽ ٿامس سوزي کي ٽيگ ڪندي لکي ڇڏيو ته: "جيڪڏهن توهان جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪري رهيا آهيو ته مهرباني ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جمهوريت کي دٻائڻ جي عمل کي نظرانداز نه ڪريو.” انهن آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن تي پي ٽي آءِ جي حامي اڪائونٽن طرفان تنقيد ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ماضي ۾ اهي ميمبر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي سميت ڪيترن ئي مطالبن جي حمايت ڪري چڪا آهن۔ مثال طور، هن وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ڪانگريس ميمبر جيڪ برگمين 23 جنوري تي ايڪس تي لکي ڇڏيو هو ته:”حقيقتون واضع آهن، هاڻ لفظن کي مروڙي پيش ڪرڻ جو وقت ناهي۔ عمران خان کي آزاد ڪيو.” صحافي رائن گريم برگمين جي ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي لکيو: "هن جنهن کان عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو ان سان هو تصوير ۾ گڏ بيٺو آهي.” گذريل سال آڪٽوبر 2024 ۾، آمريڪي ڪانگريس جي درجنين ميمبرن صدر جو بائيڊن کي خط لکي عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ رکڻ خلاف احتجاج ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ جمهوريت جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪيو ويو هو۔ڪانگريس جي پاڪستان ڪاڪس جي باني ميمبرن، ٿامس سوزي ۽ جيڪ برگمين، آڪٽوبر 2024 دوران ان وقت جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن کي خط لکيو هو، جنهن ۾ لکيو ويو،هڪ صارف محمد صديقي لکي ٿو:”مسٽر برگمين، توهان چيو هو ته توهان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي غير قانوني حراست مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا. ته پوءِ توهان جو واعدو ڪٿي ويو؟ توهان ته پاڪستاني فوج جي جنرلن سان مرڪندي تصويرون ڪڍائي رهيا آهيو.” صحافي شاهين صهبايي سوال ڪيو ته: "اهي دوست جن ٽن آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان موڪليو آهي… سوال آهي ته ڇا اهي ماڻهو صرف پاڪستاني فوج سان ملاقات ۽ سرڪاري بيانيه ٻڌڻ لاءِ آيا آهن؟”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.