فچ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي، آئوٽ لُڪ به ”مضبوط“ قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ اپگريڊ ڪندي ملڪ جي ريٽنگ ’سي سي سي پلس‘ مان وڌائي ’بي مائنس‘ ڪري اقتصادي منظرنامي کي به ”منفي“ مان تبديل ڪري ”مضبوط“ قرار ڏئي ڇڏيو.
فچ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي مدي واري پرڏيهي قرضن جي ريٽنگ ۾ اها واڌ، ملڪ جي بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ جاري معاشي سڌارن تي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي.
ايجنسي ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ بهتري ڏيکاري آهي، جنهن سبب پرڏيهي مالي مدد تائين رسائي ۾ آساني ٿي آهي.
فچ جي اندازي موجب، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي يعني جون 2025 تائين پاڪستان جو مجموعي بجيٽ خسارو گهٽجي 6 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته وچ مدي ۾ اهو خسارو وڌيڪ گهٽجي لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو جي سطح تي مستحڪم رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.