ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان، اداڪاره هانيه عامر جي ڀارت ۾ سرگرمين بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هانيه عامر ڀارت ۾ پي آر ذريعي فلمون ڪري پنهنجو وقت ضايع ڪري رهي آهي، جڏهن ته کيس پاڪستان ۾ ئي رهندي پنهنجي تي ڌيان ڏين گهرجي.
ناديا خان پنهنجي ٽي وي شو دوران ڳالهائيندي چيو ته هانيه پاڪستان ۾ تمام گهڻي مقبول آهي، جتي سندس اصل مداح موجود آهن، تنهنڪري کيس پنهنجي محنت ۽ وقت ڀارت ۾ ضايع ڪرڻ بدران ملڪ اندر ئي لڳائڻ گهرجي.
واضح رهي ته هانيه عامر انسٽاگرام تي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ پاڪستاني اداڪارائن منجهان هڪ آهي، سندس پوسٽن تي ڀارتي مداح به دلچسپ قسم جا تبصرا ڪندا آهن.
رپورٽن موجب، هانيه جلد ڀارتي اداڪار ۽ گلوڪار دلجيت دوسانجهه ۽ اداڪاره سونم باجوا سان گڏ هڪ پنجابي فلم ۾ نظر ايندي. ناديا خان چيو ته ماضي ۾ به ڀارت طرفان پاڪستاني فنڪارن سان جيڪو ورتاءُ ٿيو، اهو سڀني جي سامهون آهي ۽ هاڻي ته فلم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي هانيه جي فلم تي پابندي جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سجل علي به رڳو هڪ فلم ڪري واپس پاڪستان موٽي آئي، تنهنڪري هانيه لاءِ به مناسب ٿيندو ته هوءَ اتي تمام گهڻو وقت نه گذاري.
You might also like