مستونگ ۾ پوليس ٽرڪ تي ڌماڪو، بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، 18 زخمي

مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ جي علائقي شمس آباد ويجهو پوليس جي ٽرڪ تي جي نتيجي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 18ڄڻا زخمي ٿيا، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس اختيارين موجب، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن قلات جي آر ٽي سي مان پوليس اهلڪارن کي وٺي ويندڙ ٽرڪ ڪنڊ مسوري جي ويجهو پهتي، ڌماڪي لاءِ آءِ اي ڊي (بم) استعمال ڪيو ويو.
ڌماڪي کانپوءِ امدادي ٽيمن زخمين ۽ شهيدن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو پيو وڃي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، دهشتگرد حملو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي سخت مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هن چيو ته شهيدن جي وارثن سان حڪومت هر قدم تي گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.