مستونگ ۾ پوليس ٽرڪ تي ڌماڪو، بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، 18 زخمي
مستونگ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽرڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
مستونگ ڊپٽي ڪمشنر راجا اطهر عباس موجب، ڌماڪو مستونگ جي علائقي ڪنڊ مسوري ويجهو ٿيو، جتي پوليس اهلڪار قلات مان ڊيوٽي لاءِ روانا ٿيا هئا. اهلڪار لکپاس تي بلوچ نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي ڌرڻي دوران سيڪيورٽي لاءِ مقرر هئا.
ڊي ايس پي مستونگ يونس مگسي موجب، ڌماڪي لاءِ موٽر سائيڪل ۾ لڳل ديسي ساخت رموٽ ڪنٽرول بم استعمال ڪيو ويو، موٽر سائيڪل علائقي ۾ اڳواٽ بيهاري وئي هئي ۽ اهلڪارن جي بس اچڻ ڌماڪو ڪيو ويو.
ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين کي ترت مستونگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئيٽا نيو ويو، بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ به ايمرجنسي لاڳو آهي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ٻڌايو ته دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي صوبي جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
سندس چوڻ هو ته اهلڪارن جي مقرريءَ جو مقصد ڌرڻي وارن کي روڪڻ نه پر کين تحفظ فراهم ڪرڻ هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ 29 مارچ تي به بي اين پي جي ڌرڻي جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ان واقعي کانپوءِ ڌرڻي جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي سخت مذمت ڪندي زخمين جي علاج لاءِ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته حڪومت شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به ڪوتاهي کي برداشت نه ڪئي ويندي.