پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن عمران خان جو ذڪر به نه ڪيو: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پي ٽي آءِ باني بابت لفظ به ناهي ڳالهايو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز صادق ٻڌايو ته هن آمريڪي وفد سان ملاقات ۾ بئريسٽر گوهر ۽ چيف وهب عامر ڊوگر کي رات جي ماندي جي دعوت ڏني هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي عاطف خان ۽ ڊاڪٽر امجد دعوت نه ڏني هئي جنهن جو ثبوت موجود آهي.
اياز صادق موجب، پي ٽي آءِ وارا آمريڪين کان مدد گُهرندا آهن ۽ هي سندن لاءِ آمريڪي وفد سان ڳالهين جو بهترين موقعو هو.
اياز صادق چيو ته پاڪستان جي دورو ڪندڙ ٽن آمريڪي ڪانگريس ميمبرن چيو آهي ته سندن پاڪستان جي اندورني سياست سان ڪو واسطو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.