علي خورشيدي اپوزيشن ليڊر ٿيڻ جو اهل ئي ناهي: ارسلان شيخ

سکر (رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان شيخ علي خورشيدي جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي کيس پيڪا ايڪٽ تحت ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو آهي، سکر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ارسلان شيخ وڌيڪ چيو ته علي خورشيدي جهڙو ماڻهو اپوزيشن ليڊر ٿيڻ جو اهل ئي ناهي، اهڙو شخص ڪنهن به قوم جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي، علي خورشيدي تعليم حاصل ڪري، آئين پڙهي ته ان ۾ صدر جا اختيار ڪهڙا آهن، هن جا سڀ الزام بدنظمي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن، علي خورشيدي جي پارٽي سکر ۾ گوشت مارڪيٽ، ايڪسائيز کاتي جي عمارت ۽ ٻين هنڌن تي قبضا ڪيا، سکر ۾ رت وهرايو، هنن پان جي پيڪ ۽ انساني خون ۾ فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻ ماڻهو انهن جي ڳالهيون ٻڌڻ پسند نٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.