ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ڪي ڊي اي ۾ رٽائرڊ ملازمن ۽ فوت ٿيل ملازمن جي بيواهن لاءِ هر مهيني جاري ٿيندڙ 2 ارب 21 ڪروڙ رپين جي پينشن فنڊ مان جعلي پينشنرز جي نالي تي لکين رپيا هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي پي اي سي ڪي ڊي اي ۾ جعلي پينشنرز جي نالي تي 667 ملين رپيا ڪڍڻ ۽ سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻجي الزام ۾ ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪي ڊي اي ۾ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن فنڊ ۾ هر مهيني ڪروڙين رپين جي گهوٻين جي ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، سومر ڏينهن پي اي سي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو،اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر طحه احمد، ڪي ڊي سيڪريٽري ارشد خان، ڊي جي ايل ڊي اي، ڊي جي ايڇ ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪي ڊي اي ۾ رٽائرڊ ملازمن ۽ فوت ٿيل ملازمن جي بيواهن کي شادي جي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪنهن به تصديق کانسواءِ 2 ارب 21 ڪروڙ رپين جي ماهوار پينشن جاري ڪرڻ تي اعتراض اٿاريوويو، ان تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙي سوال ڪيو ته ڪي ڪي ڊي اي ۾ پينشنرز کي ماهوار پينشن ڏيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي ۽ تصديق کانسواءِ پينشن ڇو ڏني پئي وڃي؟ ، ڪي ڊي اي سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته ڪي ڊي اي ادارو رٽائرڊ ملازمن ۽ فوت ٿيل ملازمن جي بيواهه لاءِ هر مهيني 2 ارب 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو پينشن فنڊ جاري ڪري ٿو، ۽ لاڳاپيل بينڪ هر 6 مهينن ۾ بايوميٽرڪ تصديق کان پوءِ ڪي ڊي اي پينشنرز کي پينشن جاري ڪندي رهي ٿي ،چيئرمين پي اي سي نثار کهڙي سوال ڪيو ته، "جڏهن بينڪ 6 مهينن ۾ بايوميٽرڪ تصديق کان پوءِ پينشن جاري ڪندي رهي ٿي، ته پوءِ 500 جعلي پينشنرز جي نالن تي ڪروڙين رپيا ڪيئن ڪڍيا ويا آهن؟ ۽ پينشن فنڊ ۾ جعلسازي ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي،اهو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو معاملو آهي، پي اي سي ڊي جي ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته ڪي ڊي اي جي دڪانن، آفيسن، هائوسنگ اسڪيمن ۽ فليٽن جي مالڪن کان ڪرائي ۽ بجلي جي بلن جي مد ۾ 20 ڪروڙ رپين جي وصولي بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هوڏانهن پي اي سي اجلاس ۾ 2008ع کان پوءِ 9 ارب 42 ڪروڙ روپين جي فنڊنگ سان غريب ماڻهن کي رهائش جي سهولت لاءِ پلاٽ ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل محترمه شهيد بينظير ڀٽو ٽائون شپ اسڪيم ۾ ايل ڊي اي پاران ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جو انڪشاف سامهون آيو ۽ ايل ڊي اي تحت 2016ع ۾ مڪمل ڪرڻ وارو اِهو منصوبو اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ايل ڊي اي پاران 2008ع کان هن وقت تائين اسڪيم ۾ ڊرينيج، روڊن سميت ڪنهن به قسم جو ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ سبب هائوسنگ اسڪيم ۾ هڪ به گهر تعمير نه ٿي سگهيو آهي.