ڪئنالن خلاف سنڌ جو ڪيس مضبوط آهي، جيڪو ٻُڌندو رد ڪري ڇڏيندو: مراد علي شاهه

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واهڙ پهچي پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه جي 18هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ مزار تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس خبر ناهي ته اعظم سواتي کي ڳالهين جو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي پر اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي سياسي روش تبدلي ڪري ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سنجيدگي سان ڪم ڪن، ڪئنالن بابت پڇيل سوال تي وڏي وزير چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنالز نه ٺهڻ ڏينداسين، اسان جو ڪيس مضبوط آهي، جيڪو ٻڌندو اهو اسان جي موقف کي رد نه ڪري سگهندو، بلاول ڀٽو به واضح طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته هو وفاق سان نه، پر عوام سان گڏ هوندو، هن وڌيڪ چيو ته سيوهڻ سميت امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، اڳوڻو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سيد اعجاز علي شاهه، محمد سليم باجاري، امان الله شاهاڻي، سردار حاڪم خان نوحاڻي، مخدوم ضمير، سيد آصف علي شاهه، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ، ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري، ڊي سي سيد علي مرتضى شاهه، ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.