پنجاب جي مائنڊ سيٽ ملڪ کي سدائين نقصان ئي ڏنو آھي: سسئي پليجو

ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته ڌاڙيل ڪئنالن خلاف پرامن ويڙھ ۾ سنڌ جي عوام جي جدوجھد ھاڻي فيصلائتي موڙ تي اچي وئي آھي، پنجاب ۽ وفاق جي فارم 47 جي پيداوار ھٺ ڌرم حڪمرانن ۽ سندن لاٺڙين لاءِ ضروري آھي ته ھُو سنڌ جو آواز ٻُڌن ۽ سنڌ دشمن تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارا فيصلا واپس وٺن، ڪالهه پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو سان سندس ڀاءُ صديق جاکرو جي وفات تي  تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو ته ھڪڙي پاسي مريم نواز، ارسا ۽ مختلف وفاقي ادارن ۾ ڪئنالن بابت پنھنجي ھوڏ ۽ سنڌ مخالف فيصلن تي مسلسل قائم آھي ته ساڳئي وقت  پنجاب جا وزير نفرت انگيز ۽ ڪروڌي ٻولي وسيلي اڃايل سنڌ جي ماڻھن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن، احسن اقبال جون ڳالھيون ” مان نه مڃان“ واري موقف تي ٻڌل آھن، ڇا سنڌ جي روڊن رستن ۽ وستين ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھو انتشار ڦھلائي رھيا آھن يا پنھنجي بنيادي حق گھري رھيا آھن، پنجاب جي ان مائينڊ سيٽ ۽ رويي ملڪ کي سدائين نقصان ئي ڏنو آھي، حڪمرانن کي ھر حال ۾ سنڌ دشمن منصوبن تان ھٿ کڻڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.