گڏاپ/ ملير (رپورٽ: ممتاز علي شيخ / جميل چانڊيو) تڪراري ڪئنالن خلاف گهگهر وٽ قومي شاهراهه تي سنڌ ترقي پسند پارٽيطرفان هنيل ڌرڻي ۾ شامل 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي سب انسپڪٽر محمد سرور سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس نمبر 283/25داخل ڪرايو آھي، ڪيس ۾ صدا بليدي، مختيار کوسو، نادر بليدي، نومي زهراڻي، حفيظ زهراڻي، رجب زهراڻي، خير محمد مگسي، اعجاز سامٽيو، دوست علي مگسي، ادريس چانڊيو، علي ناريجو، مبين چانڊيو، محبوب قيصراڻي، منان شيخ، رستم ميراڻي، اياز قيصراڻي، امام دين کوکر، محمد خان ڪلمتي، ممتاز ڪلھوڙو، سيد لکڻ، شاھد ميمڻ، جمال مگسي، منير مگسي، جلال شاھ، نادر مگسي، ماجد گبول، حيدر شاھاڻي، پير بخش زرداري، رشيد پتافي، حاڪمزادي ٿيٻو، قادر چنا، اصغر سبزوئي، هوت خان گاڏهي، شوڪت مير جت، شاھين ڊيڪوريشن وارو غلام ڏھرو، راڻو خان زهراڻي ۽ فضل دين زهراڻي شامل آھن، ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آھي ته سرڪاري ادارن ۽ حڪومت خلاف زهر اوڳاڇيندڙ تقريرون ۽ نعرا هنيا ويا، سندن هٿن ۾ لٺيون هٿيار هئا پوليس اها به دعوا ڪئي آھي ته قومي شاھراهه بند ڪندڙن تي لٺبازي ڪري روڊ کولرايو ويو، ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف وڪيلن اعلان ڪيو آھي ته ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڪيس مفت ۾ وڙھيو ويندو، هوڏانهن ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪيس جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پ پ پ بوکلائجي وئي آهي. پرامن احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري خوفزدہ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پ پ پ هڪ پاسي جمهوريت جي دعويداري ڪري ٿي ٻئي پاسي پاسي آمريت جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ هاڻي عوامي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. ڪيس داخل ٿيڻ سان تحريڪ تي ڪو فرق نه پوندو.