عمرڪوٽ(رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي پاران اڄ عمر ڪوٽ ۾ جناح پارڪ سامهون جلسو رکيو ويو آهي، جنهن کي صدر الدين شاهه راشدي، سيد زين شاھ، اياز لطيف پليجو، صفدر عباسي، اسد عمر، ارباب غلام رحيم، لطيف کوسا، اڪرم راجا، حليم عادل شيخ، ڄام ميمڻ، خضر حيات مڱريو، ڀڳوانداس ڀيل، لال مالھي سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، ان حوالي سان لال مالھي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ عمرڪوٽ ۾ سياسي تاريخ جو وڏو جلسو ٿيندو جنھن کي پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ درياهه بچايو ڪميٽي جي مرڪزي قيادت خطاب ڪندي، ٻي پاسي اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاھه مالھي ھائوس پھچي آزاد اميدوار لال مالھي سان ملاقات ڪئي ۽ ڀرپور مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ميڊيا سان ڳالھائيندي سيد مظفرحسين شاھ چيو ته 91 جي معاھدي تحت سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ملڻ گھرجي.