ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ضايع پيو ٿئي: پنجاب حڪومت\ڪنهن به صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي کي نه پيو ملي:ارسا نمائندو

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي(م ڊ)پنجاب حڪومت سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي،صوبائي حڪومت ارسا کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي،پنجاب جي حصي مان سنڌ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي،پنجاب حڪومت چيو آهي ته سنڌ کي اضافي پاڻي ڏيڻ سان پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي،سنڌ،ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ضايع ڪري رهي آهي،پنجاب کي تونسا پنجند کولڻ نٿو ڏنو وڃي،پنجاب کي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ نٿو ڏنو وڃي،سنڌ رائيس ڪئنال ۾ به پاڻي کڻي رهي آهي،رائيس ڪئنال ۾ پاڻي کڻڻ سان پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي، هوڏانهن ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري چيو آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ رڳو پيئڻ لاءِ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي،190 ڪيوسڪس پاڻي لطيف آباد حيدرآباد جا لکين رهواسي پيئڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن،پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ آرٽيڪل 9 تحت شهرين جو بنيادي حق آهي،هن چيو ته ڪوٽڙي کان 300 ڪلوميٽر بعد سمنڊ اچي ٿو،لکين انسانن ۽ جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي تي اعتراض تعجب جي ڳالهه آهي،پنجاب جو ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ تي اعتراض ماحولياتي تباهي جي ڳالهه آهي، ٻئي پاسي ارسا اختيارين سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته ارسا هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪندي آهي ڪنهن جو حق ورتو نه ڪنهن کي حق ڏنو،ارسا ترجمان چيو ته پاڻي کوٽ چار ئي صوبا گڏجي برداشت ڪري رهيا آهن،ملڪ ۾ حساس صورتحال جي پيش نظر الزام تراشي کان پاسو ڪرڻ گهرجي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.