ملتان (م ڊ) پاڪستان ڪسان اتحاد جي صدر خالد کوکر حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جو اگهه 3900 رپيا في من مقرر ڪيو وڃي. ملتان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد کوکر چيو ته ڪڻڪ جو مسئلو رڳو آبادگارن جو نه پر پوري پاڪستان جو مسئلو آهي.هن چيو ته آبادگار 900 رپيا في مڻ نقصان ۾ هلي رهيا آهن، جڏهن ته في من پيداوار جي لاڳت 3304 رپيا آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ آبادگار کي رڳو 2200 رپيافي مڻ جي لاڳت اچي ٿي. خالد کوکر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آبادگار کي نقصان ٿيو ته ملڪ جي معيشت نه هلي سگهندي، پنجاب جي وزيراعليٰ جي صلاحڪار سلمٰي بٽ کي زميني حقيقتن جي ڄاڻ ناهي ۽ هن آبادگارن جي تذليل ڪئي آهي۔ اسان کي وزيراعليٰ پنجاب کان اميد هئي ته ڪڻڪ جو مناسب اگهه مقرر ڪيو ويندو. جيڪڏهن حڪومت فوري قدم نه کنيا ته آبادگار، عورتون ۽ ٻار اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪندا. پريس ڪلب اڳيان آبادگارن علامتي طور ڪڻڪ ساڙي ۽ ڦاهو لڳائي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو۔