سنڌ ۾ ترقياتي بجيٽ جو صرف37 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيو، بجيٽ ليپس ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي(رپورٽ:خدا ڏنوشاھ)سنڌ ۾ رٿابندي جي فقدان ۽ ڪميشن جي چڪرن سبب ٽي ٽماهيون مڪمل ٿيڻ باوجود مالي سال 25/2024 جي سالياني ترقياتي بجيٽ جو فقط 37 سيڪڙو  حصو خرچ ٿي سگهيو آهي. ترقياتي بجيٽ جو وڏو حصو ليپس ٿيئڻ جو انديشو آهي,روزاني عوامي آواز کي مليل دستايزي ثُبوتن موجب سنڌ ۾ رٿابندي جي فقدان، انتظامي معاملن،ڪميشن جي چڪرن سبب سالياني ترقياتي بجيٽ جو ٽي ٽماهيون لنگهي وڃڻ باوجود فقط 1 کرب 82 ارب 17 ڪروڙ 15 لک روپيا خرچ ٿي سگهيا آهن,خرچ ڪيل رقم رکيل ٽوٽل ترقياتي بجيٽ جو فقط 37 سيڪڙو حصو آهي,مالي سال 2024/25ع لاءِ سنڌ سرڪار 4 کرب 93 ارب 9 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا جنهن مان ٽن ٽماهين لاءِ 2 کرب 63 ارب 98 ڪروڙ 94 لک رپيا جاري ڪيا جنهن مان سنڌ سرڪار جي 53 کاتن فقط 1 کرب 82 ارب 17 ڪروڙ 15 لک 10 هزار رپيا استعمال ڪيا آهن، سنڌ جي 53 کاتن جي ترقياتي ڪمن ۾ دلچسپي گهٽ وٺڻ جا ڪيترائي سبب سامهون آيا آهن جن ۾ انتظامي معاملا,رٿابندي جو فقدان,ڪميشن جي چڪرن سميت ٻيا به ڪيترا ئي اهم سبب آهن جنهن ڪري ترقياتي بجيٽ جو استعمال انتهائي سست رفتاري سان جاري آهي,دستاويزن موجب زراعت کاتي کي 3 ارب 24 ڪروڙ 8 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي فقط 1 ارب 8 ڪروڙ 65 لک روپيا استعمال ڪيا,اوقاف ۽ ذڪوات وار کاتي کي 83 ڪروڙ 80 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 41 ڪروڙ 60 لک خرچ ڪيا,بورڊ آف روينيو کي 5 ڪروڙ 30 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي فقط 1 ڪروڙ 2 لک روپيا خرچ ڪيا,ثقافت کاتي کي 2 ارب 59 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 2 ارب 9 ڪروڙ 36 لکن کي رڳڙو ڏنو آهي,تعليم کاتي سنڌ کي 24 ارب 70 ڪروڙ 79 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 17 ارب 4 ڪروڙ 61 لکن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي,توانائي واري کاتي کي 2 ارب 8 ڪروڙ 60 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 1 ارب 47 ڪروڙ 19 لکن کي رڳڙو ڏيئي ڇڏيو آهي,ماحوليات واري کاتي کي 29 ڪروڙ 17 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 11 ڪروڙ 39 لک خرچ ڪيا آهن, ناڻي کاتي کي 52 ڪروڙ 95 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 3 ڪروڙ خرچ ڪيا آهن,خوراڪ کاتي کي 6 ڪروڙ 14 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي ٽڪو به خرچ  ناهي ڪيو,جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي کي 57 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 49 ڪروڙ 94 لکن کي ٻهارو ڏنو آهي,گورنر هائوس سيڪريٽريٽ کي 10 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 8 ڪروڙ 55 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,صحت کاتي کي 7 ارب 61 ڪروڙ 90 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان صحت کاتي 1 ارب 71 ڪروڙ خرچ ڪري ڇڏيا آهن,گهرو کاتي کي 6 ارب 1 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 3 ارب 49 ڪروڙ روپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن,انساني حقن واري کاتي کي 1 ڪروڙ 46 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 26 لک استعمال  ڪيا آهن,ڪامرس ۽ انڊسٽريز واري کاتي کي 51 ڪروڙ 12 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 26 ڪروڙ خرچ ڪيا آهن,هيومن سيٽلمينٽ واري کاتي کي 5 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 3 ڪروڙ خرچ ڪري ڇڏيا آهن,اطلاعات واري کاتي کي 10 ڪروڙ 94 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪيو,انفارميشن  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري کاتي کي 12 ڪروڙ 24 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 5 ڪروڙ 80 لک خرچ ڪيا آهن, سيڙپڪاري واري کاتي کي 1 ارب 67 ڪروڙ 12 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 38 ڪروڙ 95 لک روپيا مس خرچ ڪيا آهن,آبپاشي کاتي کي 30 ارب 36 ڪروڙ 11 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن ئان کاتي 25 ارب 55 ڪروڙ,84 لکن کي رڳڙو ڏيئي ڇڏيو آهي,ليبر ۽ هيومن ريسورسز واري کاتي کي 14 ڪروڙ 88 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 10 ڪروڙ خرچيا آهن,قانون واري کاتي کي 2 ارب 14 ڪروڙ ,92 لک جاري ٿيا جنهن مان کاتي 1 ارب 72 ڪروڙ 12 لک روپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن,مک ڪئنالز جي لائيننگ جي نالي تي آبپاشي کاتي کي وري الڳ سان 10 ارب رکيا ويا پر کاتي کي ٽڪو به جاري ڪون ڪيو ويو آهي,فشريز ۽ چوپائي مال واري کاتي کي 1 ارب 36 ڪروڙ 61 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 85 ڪروڙ 37 لک روپيا خرچ ڪيا آهن,مڪاني ادارن واري کاتي کي 53 ارب 87 ڪروڙ 62 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 34 ارب 83 ڪروڙ 26 لکن کي رڳڙو ڏنو آهي,ميچنگ ايلوليشن جي نالي تي 4 ارب 21 ڪروڙ 84 لک جاري ڪيا ويا,جنهن مان 3 ارب 38 ڪروڙ 99 لک روپيا ختم ڪيا ويا آهن,ميگا پراجيڪٽس جي کاتي لاء 4 ارب 19 ڪروڙ 47 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 3 ارب 25 ڪروڙ 28 لک خرچ ڪيا ويا آهن,مائينز ۽ منرلز لاء 6 ڪروڙ 23 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 4 ڪروڙ 91 لک خرچ ڪيا ويا آهن,اقليتي معاملن واري کاتي کي 1 ارب 94 ڪروڙ 21 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 1 ارب 18 لک 20 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويا آهن,نيو ڊولپ انيشيٽو جي نالي تي 15 ارب رکيا ويا پر ان مان جاري هڪ روپيو به نه ڪيو ويو آهي,رٿابندي واري کاتي لاء 7 ارب 12 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 4 ارب 31 ڪروڙ 94 لک روپين کي پيالو ڪرايو ويو آهي,آبادي جي ڀلائي واري کاتي لاء 27 ڪروڙ 53 لک رکيا ويا جنهن مان 10 ڪروڙ 45 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن,صوبائي اسيمبلي جي لاء 29 ڪروڙ 50 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 28 ڪروڙ 16 لک خرچ ڪيا ويا آهن,صوبائي محتسب لاء 6 ڪروڙ 35 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 2 ڪروڙ 11 لک خرچ ڪيا ويا آهن,پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ واري کاتي لاء 18 ارب 42 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 11 ارب 38 ڪروڙ 76 لک بنا ڪنهن ڪم جي اڏايا ويا آهن,بحالي واري کاتي کي 44 ڪروڙ 67 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 30 ڪروڙ 21 لک خرچ ڪيا ويا آهن ,ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء 12 ارب رکيا ويا پر ٽڪو به جاري نه ڪيو ويو ,ايس جي اي اينڊ سي جي لاء 25 ارب 84 ڪروڙ 66 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 20 ارب 17 ڪروڙن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن واري کاتي کي 1 ارب 41 ڪروڙ 26 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 1 ارب 18 ڪروڙ 61 لک خرچ ڪيا ويا آهن,سنڌ روينيو بورڊ لاء 5 لک رکي ٽڪو به جاري ڪون ڪيو ويو,سوشل پروٽيڪشن لاء 4 ڪروڙ 37 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو,سوشل ويلفيئر لاء 20 ڪروڙ 78 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 9 ڪروڙ 54 لک خرچ ڪيا ويا,پوئتي پيل ضلعن جي ترقي جي نالي تي 5 ڪروڙ رکيا ويا پر جاري هڪ روپيو به نه ڪيو  ويو,ايمرجنسي جي نالي تي 25 ارب روپيا رکيا ويا پر ان مد ۾ ٽڪو به جاري ڪون ڪيو ويو,راندين ۽ نوجوانن جي معاملن لاء 4 ارب 87 ڪروڙ 95 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 3 ارب 18 ڪروڙ 93 لک خرچ ڪيا ويا آهن,ٿرڪول انفرا اسٽرڪچر لاء 5 ڪروڙ 13 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان فقط 98 هزار خرچ ڪيا ويا,ٽريننگ مئنيجمينٽ لاء 20 ڪروڙ جاري ڪري هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو,ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ لاء 2 ارب 63 ڪروڙ 64 لک جاري ڪيا ويا جنهن مان 1 ارب 16 ڪروڙ 28 لک خرچ ڪيا ويا , عورتن جي ترقي جي لاء هڪ ڪروڙ ست لک جاري ويا جنهن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو.ڪوآپريٽو جي لاء 5 ڪروڙ 28 لک رکي ٽڪو به جاري نه ڪيو ويو  جڏهن ته ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي لاء پڻ 8 ڪروڙ رکي ٽڪو بهجاري نه ڪيو ويو آهي, وقت سر ترقياتي اسڪيمن تي خرچ نه ٿيڻ جي ڪري بجيٽ جو وڏو حصو ليپس ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.