ڪراچي ۾ جسقم جي ڪئمپ جاري، نياز ڪالاڻي جي طبيعت خراب

ڪراچي(رپورٽر) تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران جسقم شهيد بشير خان پاران اعلانيل 10 ڏينهن واري بک هڙتال ڪالهه پنجين ڏينهن به ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف راهوجو، حنان عباسي جي اڳواڻي ۾ جاري رهي،اسلم خيرپوري، فتاح چنا جي اڳواڻي ۾ وفد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي،عامر  نواز وڙائچ  پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته جسم سربراهه رياض چانڊيو به پهتو،ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي چيو تھ آل پاڪستان وڪيل ڪنوينشن ۾ فيصلو ڪيو آهي ته 72 ڪلاڪن ۾ ڪئنالن جو فيصلو رد نه ٿيو ته وڪيل سنڌ پنجاب بارڊر بندا ڪندا، سنڌي قوم کي اپيل ٿا ڪريون ته بلاول ڀٽو زرداري جي 18 اپريل واري پاڪستان کپي جلسي جو بائيڪاٽ ڪن، بک هڙتال سبب جسقم جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي طبيعت مسلسل خراب ٿيڻ لڳي، عطاءُ الله شاهاڻي ۽ گلشير ڪولاچي کي بيهوشي جا دورا پئجي رھيا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.